داسو واقعي ۾ سي پيڪ مخالف ملوث آهن: شاهه محمود

اسلام آباد( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته داسو واقعي ۾ اهي ئي ملوث آهن جن کي سي پيڪ کٽڪي رهيو آهي، چين  دوست ملڪ آهي هر سطح تائين وينداسين اهڙن واقعن کان نه چين گهٻرائي ٿو نه پاڪستان، هن جيو ٽي وي جي پروگرام ” نيا پاڪستان “ ۾ ڳالهائيندي چيو ته داسو واقعي جي جاچ تائين عارضي طور پراجيڪٽ تي ڪم بند ٿيو آهي، جيئن جاچ مڪمل ٿيندي چين کي آگاهه ڪيو ويندو، هن چيو ته چين جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ۽ دوشنبي ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، طئه ٿيو هو ته عيد بعد چين ويندس، هن چيو ته افغان سفير جي ڌي تي تشدد واري واقعي جي جاچ ٿي رهي آهي.سفارتڪارن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي.افغان پرڏيهي وزير سان رابطو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.