لادي گينگ جو سربراهه مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

 

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ڊيري غازي خان ۾ دهشت جي علامت سمجهيو ويندڙ لادي گينگ جي سربراهه خدا بخش لادي کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي ٽي ڊي موجب ديري غازي خان ۾ آپريشن دوران لادي گينگ جي سربراهه فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾  لادي گينگ جو سربراهه خدا بخش لادي مارجي ويو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته خدا بخش لادي اغوا، قتل ۽ ٻين ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو.

واضح رهي ته لادي گينگ پاران هڪ ڄڻي کي بي دردي سان قتل ڪرڻ جي ويڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ آپريشن ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.