بابر اعظم عورت ڪرڪيٽرز جون به دليون کٽي ورتيون

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي انگلش وومين ڪرڪيٽر ڊينيئل ويٽ به بابراعظم جي تعريف بنا نه رهي سگهي.

ون ڊي سيريز ۾ ناڪامي کانپوءِ قومي ٽيم انگلينڊ خلاف شاندار واپسي ڪندي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، ميچ ۾ بابر اعظم 85 رنسن جي شانداز اننگز کيڏي، هن محمد رضوان سان گڏ 150 رنسن جي ڀائيواري به قائم ڪئي.

بابر اعظم جي اهڙي اننگز جي جتي مختلف اسٽارز طرفان تعريف ڪئي وئي آهي، اتي ئي انگلش وومين ڪرڪيٽر ڊينيئل ويٽ به بابراعظم جي بيٽنگ کي ساراهيو آهي.

ڊينيئل ويٽ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ بابر اعظم جو نالو لکيو ۽ ان سان گڏ حيراني ۽ تاڙين وارا ايموجي به شيئر ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.