سنڌ حڪومت عيد تي نين پابندين جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي مال پڙين ۾ ويندڙن لاءِ نئون حڪم نامو جاري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي موجب مال پڙين ۾ ويندڙن کي ڪورونا ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، هوٽل، ريسٽورنٽ ۽ مسافر بسن ۾ داخل ٿيڻ به ڪورونا ويڪسين سان جڙيل هوندو، جڏهن ته شادي هال ۽ گهر کان ٻاهر واري تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ به ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان چيو ويو آهي ته فيصلو عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 20 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.