گورنمينٽ آفيسرز ايسوسيئيشن ضلعي لاڙڪاڻي جي چونڊ، لطيفي پئنل بنا مقابلي ڪامياب

گورنمينٽ آفيسر ايسوسيئيشن ضلعي لاڙڪاڻي جي چونڊن ۾ لطيفي پئنل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. گورنمينٽ آفيسرز ايسوسيئيشن سنڌ ضلعي لاڙڪاڻي جي چونڊ شيڊيول موجب نامزدگي فارم ڀرڻ جي  آخري تاريخ  17 جولاءِ هئي، جنهن جو وقت صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين هو، مقرر وقت اندر لطيفي پئنل پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته مخالفت ۾ ڪنهن به پئنل فارم نه ڀرايو ، جنهن جي نتيجي ۾ لطيفي پئنل ضلعي لاڙڪاڻي جي چيئرمين پير محمد شاهه کي ڪامياب قرار ڏنو ويو . عبدالرشيد چانڊيو صدر، عبدالواحد ميمڻ جنرل سيڪريٽري، فوزيا ناز مڱريو نائب صدر فيميل، صفدر علي ڀٽو نائب صدر ميل، شمن جوڻيجو جوائنٽ سيڪريٽري، غلام عائشه هليو جنرل سيڪريٽري فيميل، رئيس احمد عباسي خزانچي، ممتاز علي زهراڻي پريس سيڪريٽري ۽  الطاف حسين آفيس سيڪريٽري چونڊجي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.