بشارالاسد چوٿون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻي ورتو

 

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي صدر بشارالاسد چوٿون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻي ورتو.

حلف برداري تقريب ملڪي تخت گاهه دمشق جي صدارتي محل ۾ ٿي، جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سياسي ۽ مذهبي شخصيتن سان گڏوگڏ فوجي اهلڪارن شرڪت ڪئي.

بشارالاسد 2000 کان شام ۾ صدارتي عهدي تي ويٺل آهي.

اولهه ملڪن ۽ اسد جي سياسي مخالفن مئي ۾ ٿيندڙ چونڊن کي ناجائز ۽ شرمناڪ قرار ڏنو هو.

گڏيل قومن جي اندازن موجب 80 سيڪڙو کان وڌيڪ شامي شهري غربت جي هيٺين ترين سطح جي زندگي گهاري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.