راڄو خاناڻي:حيدرآباد ۾ ناري جي قتل ۽ سندس گهر ڀاتين کي ڌمڪين ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ مڙس هٿان تشدد بعد قتل ٿيل ناري قرت العين جي قتل ۽ سندس گهر ڀاتين کي ڌمڪائيڻ خلاف راڄوخاناڻي ۾ سول سوسائٽي ۽ شاگرد ڪائونسل پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن حنيف نظاماڻي ، رياض مراداڻي . اسمائيل قمبراڻي ، صمد نظاماڻي ، منظر نئين جوڻيجو ، آصف ٽالپر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي هڪ پڙهي لکي حوا ڄائي نياڻي کي سندس شرابي مڙس عمر ميمڻ پاران بيگناه تشدد ڪري قتل ڪرڻ ۽ گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڏ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي نياڻي کي قتل ڪندڙ مڙس کي سخت سزا ڏيئي ۽ نياڻي جي گهر ڀاتين کي تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.