بڊاڻي: 10 ڏينهن اڳ کنڀي گم ٿيل بچل بڊاڻي جي بازيابي احتجاجي ريلي

بڊاڻي شهر ۾ سياسي سماجي اڳواڻن  پاران 10 ڏينهن اڳ کنڀي گم ٿيل بچل بڊاڻي جي بازيابي لاء المرتضي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،  ريلي جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ سيد دانش شاه ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ مظھر چاچڙ ۽ عمران بڊاڻي ڪئي،  ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 10 ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان بچل بڊاڻي کي ڪشمور مان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن ڪري نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي هنن چيو ته نوجوانن جو ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي ، هنن مطالبو ڪيو ته  معاملي جو فوري نوٽيس وٺي بچل بڊاڻي کي آزاد ڪرايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.