جرمني ۾ ٻوڏ، فوتين جو انگ 133 ٿي ويو، سوين اڃا گم

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمنيءَ ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 133 تي پهچي ويو، جڏهن ته ڪيترائي اڃا گم آهن.

اولهه جرمني جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ورڪرز طرفان اڄ ڇنڇر ڏينهن به بچي ويلن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.

انهن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب جرمني جا ٻه اولهه صوبا رائن لينڊ پلاٽينيٽ ۽ نارٿ رائن ويسٽ فيليا سڀ کان متاثر ٿيا آهن.

پوليس موجب فوتين مان 90 جو واسطو ڪولون شهر جي ڏکڻ ۾ موجود آهروائلر ضلعي سان هو، جڏهن ته سوين ماڻهو اڃا تائين گم آهن.

هوڏانهن اولهه جرمني جي ڪجهه شهرن جي گهرن ۾ اڄ به پاڻي جي سطح بلند رهڻ جا اطلاع آهن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب وڌيڪ گهر پَٽ پئجي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.