آمريڪي رياست اوريگون جي ٻيلن ۾ باهه شدت اختيار ڪري وئي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست اوريگون جي ٻيلن ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، جنهن سبب فائر فائٽرز کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

اوريگون جي ڏاکڻي علائقن ۾ بوٽليگ نالي سان مشهور ٻيلن ۾ لڳل اها باهه 24 هزار هيڪٽر کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙجي چڪي آهي، اها ايراضي نيو يارڪ شهر جي برابر ٿئي ٿي.

واضح رهي ته موسميات کاتي طرفان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ان علائقي ۾ سخت گرمي جي هڪ ٻي لهر جي به اڳڪٿي ڪيل آهي، اها جون مهيني کان گرميءَ جي چوٿين لهر هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.