رضوان جي بهترين ڪارڪردگي جاري، هڪ ٻئي اعزاز جو مالڪ بڻجي ويو

 

ناٽنگهم (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکندي هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنسون ٺاهيندڙ پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو.

محمد رضوان اهو ڪارنامو انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ففٽي اسڪور ڪري انجام هن، ميچ ۾ هن 41 بالن تي 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

محمد رضوان هلندڙ سال هيل تائين 11 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي 11 اننگز ۾ 593 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

ان کان اڳ پاڪستان طرفان هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهڻ جو اعزاز فخر زمان کي حاصل هو، جنهن 2018 ۾ 576 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.