ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پگهار نه ملڻ تي ويڪسينيشن عملي ڪم ڇڏي ڏنو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايڪسپو سينٽر ۾ ملازمن جي احتجاج جي ڪري ويڪسين نيشن جي رجسٽريشن جو عمل معطل ٿي ويو.

ايڪسپو سينٽر ۾ قائم ڪورونا ويڪسينيشن مرڪز ۾ ڪنٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ڊيٽا انٽري آپريٽرز ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي احتجاج طور ڪم ڇڏي ڏنو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر قائم

ايڪسپو سينٽر ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ورڪرز رجسٽريشن جي ڪم ۾ مقرر آهن، مظاهرو ڪندڙن طرفان پلي ڪارڊ کڻي ايڪسپو سينٽر جي ٻاهران پگهارن جي عدم ادائيگي جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ڪنٽريڪٽ ملازمن جي احتجاج جي ڪري ويڪسين هڻائڻ جي لاءِ ايندڙن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي ۽ ويڪسين لڳڻ جو عمل به متاثر ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.