طالبان افغان حڪومت جي اهم شخصيت کي ماري وڌو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي مختلف ضلعن ۾ فورسز ۽ طالبان ۾ جهڙپون جاري آهن ۽ تازين جهڙپن ۾ ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان مارجي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان تواب گذريل ڏينهن نجراب ضلعي ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويو.

افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته بگرام ضلعي ۾ افغان ايئر فورس جو پائلٽ به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي.

هوڏانهن پروان صوبي جي گورنر دعويٰ ڪئي آهي ته فورسز شيخ علي ضلعي جو ڳوٺ طالبان جي قبضي مان ڇڏائي ورتو آهي پر ضلعي جي ڀرپاسي ۾ جهڙپون جاري آهن.

افغان ميڊيا موجب گذريل ڏينهن افغان فورسز سيغان، ڪهمرد ۽ چخانسور ضلعن تان طالبان جو قبضو ڇڏايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.