سينيئر اداڪارا نائلا جعفري لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي پاڪستاني ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سينيئر اداڪارا نائلا جعفري لاڏاڻو ڪري وئي.

اداڪارا ڪافي عرصي کان ڪينسر جي عارضي ۾ مبتلا هئي. ڪجهه مهينا اڳ اداڪارا مالي مدد جي درخواست به ڪئي هئي.

نائلا جعفري جي ڀاءَ عاطف جعفري جو چوڻ آهي ته اداڪارا جي جنازي نماز اڄ عشا جي نماز وقت ڊيفنس فيز 2 ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين ڪالاپل تي آرمي قبرستان ۾ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.