ن ليگ 2018 واري ناهي رهي، هاڻي ووٽ چوري ٿيا ته توهان سان سٺو نه ٿيندو: مريم نواز

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ووٽ چوري ڪندڙ کي تنبيهه ڪيان ٿي ته جيڪڏهن ن ليگ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ياد رکو، توهان سان جيڪو ٿيندو اهو سٺو نه هوندو.

اسلام ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ جي ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آزاد ڪشمير اليڪشن کان اڳ ئي ن ليگ جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، اسان جو نامزد اميدوار چونڊ کٽي چڪو آهي، ان ڳالهه جو چٽو ثبوت اهو آهي ته هتي سخت گرمي ۾ جلسا ڪري ڪري منهنجي نڙي خراب ٿي وئي آهي ۽ توهان منهنجي ڪري چاليهه ڊگري گرمي پد ۾ به بيٺا آهيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف کي قيد ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي: مريم نواز

مريم نواز جو چوڻ هو ته مخالفن کي آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ جي اليڪشن مهم نظر اچي رهي آهي، اسانجي پارٽي سڀني پارٽين کي ڀڄائي ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو استقبال خراب آنن ۽ ٻوٽن سان ڪيو پيو وڃي، مسلم ليگ ن 2018 واري ناهي رهي، اها ووٽ چوري ڪندڙن جي وائکو ڪرڻ ۽ پڪرڻ واري پارٽي بڻجي چڪي آهي جنهن ڪوهيڙ مان به ووٽ ڳولي لڌا آهن. هي 2018 وارو دور ناهي جڏهن توهان آر ٽي ايس روڪرائي ڇڏيو هو، ووٽ چوري ڪندڙ ٻڌي ڇڏين جيڪڏهن انهن دانڌلي ڪئي يا ڪشمير مان اسانجي کٽيل اليڪشن چوري ڪئي ته ڪشميري کين نه ڇڏيندا، هن ڀيري اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي وڃي.

خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته ٻڌو آهي ته اڄ عمران خان صاحب ڪشمير اچي رهيو آهي ۽ هنن باغ مان پنهنجي اليڪشن مهم جي شروعات ڪئي آهي ڇو جو اتي اي ٽي ايم مشين آهي، هن هڪ نئين اي ٽيم مشين ڳولي ورتي آهي، عمران خان اتي ويندو آهي جتي پئسو هوندو آهي، منهنجي ڪشميري عوام کي گذارش آهي ته سندس استقبال خراب انڊن ۽ ٽماٽرن سان نه پر گو عمران گو سان ڪيو وڃي. عمران خان اهي هار پارايو جنهن تي اٽي جو پهريون نمبر چور ۽ دوائن جو چور لکيل هجي، هن چيو ته عمران خان کي هڪ اهڙو تاج به پارايو جنهن تي ڪشمير فروش لکيل هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.