قاضي احمد: پ پ اڳواڻ ۽ سندس پٽ تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مظاهرو

قاضي احمد پوليس پاران گورنمينٽ ڪاليج قاضي احمد جي ملازم ۽ پ پ جي سينئر جيالي غلام مصطفي کوسو ۽ سندس پٽ يونيورسٽي جي شاگرد عمران کوسو کي گرفتار ڪري منشيات جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڳوٺ لونگ خان کوسو جي ڳوٺاڻن ۽ مختلف تنظيمن پاران سماٽ سي اين جي کان ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو پريس ڪلب قاضي احمد چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن پ ٽ الف تعلقي قاضي احمد جي اڳوڻي صدر شفيع محمد کوسو سڪندرعلي لاکو پ پ يوٿ ونگ تعلقي جنرل سيڪريٽري جاويد علي بلوچ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته قاضي احمد پوليس بنا جواز هڪ معزز شخصيت ۽  تعليم کاتي جي ملازم غلام مصطفي کوسو جي ڳوٺ لونگ کوسو تي چڙھائي ڪري گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديوري جو تقدس پامال ڪندي سندس گھر ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ غلام مصطفي کوسو ۽ سندس پٽ يونيورسٽي جي شاگرد عمران کوسو کي کنڀي قاضي احمد ٿاڻي تي مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته غلام مصطفي کوسو ۽ سندس پٽ عمران کوسو تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.