جهڏو لڳ بااثر جي تشدد جو نشانو بڻيل پورهيت خاندان پاران احتجاج

جهڏو لڳ بااثر جي تشدد جو نشانو بڻيل پورهيت خاندان پاران احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، جهڏو لڳ ڳوٺ ڪمال خان پتافي جي رهواسي انور علي پٺاڻ ۽ سندس گهر واري فوزيا بااثر جي زيادتين خلاف ميڊيا سينٽر جهڏو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، هن چيو ته سندس ڳوٺ جي بااثر شخص نثار پتافي کيس مار ڪُٽ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هن جي گهر واري سان گٿا لفظ ڳالهائي تذليل ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته هوانتهائي غريب آهي، سندس گهر واري فوزيا، اين جي اوز جي نجي اداري ” سرسو ” جي ميمبر آهي، گذريل ڏينهن اداري غريبن جي مدد لاءِ ميٽنگ ڪوٺائي جنھن ۾ سرسو اداري سان لاڳاپيل نثار پتافي جي ڌيءَ هن جي گهر واري فوزيا جو نالو امدادي مدد ۾ شامل نه ڪيو، جڏهن ته درجنين من پسند ماڻهن کي رليف ڏنو پئي ويو، اسان اهڙي شڪايت سرسو اداري جي اعلي اختيارين کي ڏيڻ جو چيو ته بااثر شخص مڇرجي هن تي تشدد ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون، هن چيو ته بااثر شخص مان جاني مالي نقصان جو خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.