نوابشاهه : 12 ڏينهن اڳ مبينا طور قتل ٿيل پوليس اهلڪار جي وارثن جو احتجاج

12ڏينهن اڳ ٽنڊوآدم جي خدا آباد ريلوي ڦاٽڪ تي ڊيوٽي دوران مبينه طور قتل ٿيل ريلوي پوليس اھلڪار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڪرنڊ جي ڳوٺ مُڏي لاشاري جي رھواسي قربان علي لاشاري جي پيرسن امڙ پناھه خاتون، گھر واري خالدہ، سندس نوجوان پٽ ضمير لاشاري ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته سندس پٽ قربان علي لاشاري جيڪو 12ڏينهن اڳ خوشيءَ سان گھران ڊيوٽي تي موڪلائي ويو ھو ، ان جو دماغ ۾ گولي لڳل لاش ٽنڊوآدم اسپتال مان مليو آھي، ھنن چيو ته حد جي پوليس سندس پٽ جي قتل کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏئي خون لوڙهڻ چاھي ٿي، هنن  مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.