ٽنڊوغلام حيدر: حيدرآباد_بدين روڊ تي مال پڙي لڳڻ سبب روڊ بلاڪ،عوام پريشان

ٽنڊوغلام حيدر جي حد ۾ لڳندڙ سنڌ جي مشهور تلهار مال پڙي جي پلاٽ تي برساتي پاڻي هجڻ سبب ٺيڪيدار پاران ڍور مک حيدرباد_بدين روڊ تي وڪري لاءِ بيهاريا ويا،  ڪيترائي ڪلاڪ مين روڊ بند هجڻ ڪري مختلف شهرن کان ايمرجنسي ۾ مريض کڻي ويندڙ گاڏيون ٽرئفڪ ۾ ڦاسي پيون، انتظاميا جي مسلسل لاپرواهي سبب ڪيترن ئي مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، ٻئي طرف ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ وبا جو خطرو هوندي به ماڻهن ۽ ڍورن جا وڏا هجوم لڳل آهن ، ايس او پيز کي مڪمل طور نظراندازڪيو ويو،بغير وئڪسين جي هزارين ماڻهو مال پڙي ۾ پهچي ويا رهواسين پاران وڌندڙ وبا ۽ نظرانداز ايس او پيز تي ڳڻتي جو اظهارڪيو ويو، ٻئي پاسي ٽنڊوغلام حيدر اسسٽنٽ ڪمشنر سيد نثار علي شاھ پاران متارو هوٽل بس اسٽاپ ۽ مال پڙي ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ وارو وئڪسينشن سينٽر قائم ڪري مال پڙي ۾ خريدارن ۽ واپارين کي وئڪسين ڪرائي وئي.هوڏانهن ڪيترائي ڪلاڪ مک شاهراھ بند رهڻ بعد سوين مسافر گاڏيون بيهجي ويون .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.