پکو: اڻ ڄاتل چور شهري جو گهر ٻهاري ويا،شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻو گرفتار

پکو ۾ نامعلوم چور شھري جو گھر ٻھاري ويا , کوجي ڪتي ذريعي پيرا ساڳي شھر ۾ هنيا ويا، پيرا شھر جي تيوڻا محلي ۾ لڳا جتان پوليس شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻو عبدالطيف تيوڻو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، اھڙي طرح ٻنھي ڌرين جا ماڻھو ٿاڻي تي اچڻ ڪري ڇڪتاڻ وڌي وئي , ان حوالي سان متاثر گھر ڌڻي قربان سامٽيو , ڪفايت علي , ڪامران ۽ رضا سامٽيو ٻڌايو ته انهن جي گھر مان اڳ به ڪيترا ڀيرا روڪ رقم چوري ٿي وئي آھي جنھن جي انهن پاڙي ۾ جاچ ڪرائي پر ڪو به ڏس پتو نه مليو ۽ گذريل رات به ساڳين چورن ديوار ٽپي گھر جون الماڙيون ٽوڙي ھڪ لک کان وڌيڪ رقم , موبائل فونون ۽ گھر جو ٻيو سامان چوري ڪيا ويا آهن، ھوڏانھن تيوڻا برادري جي گرفتار عبداللطيف تيوڻو جو چوڻ آھي ته هو ھڪ شريف شھري آهي،هن جو  ڪنھن به قسم جي ڏوھاري ماڻھو سان واسطو ناھي ۽ نه ئي ٿيل چوري متعلق ڪا ڄاڻ آھي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.