دوڙ ڀرسان ڳوٺاڻي پاران زمين جي غيرقانوني وڪري خلاف احتجاج

دوڙ جي ديهه 68 نصرت جي ڳوٺ خادم حسين مري جي رھواسي مختيار حسين مري پاران  ڀائرن سان گڏجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ باوجود ڀاڻيجي پاران زرعي زمين جي غيرقانوني وڪري خلاف احتجاج ڪيو ويو، هنن چيو ته سندن ڀاڻيجو سئوٽ جو پٽ رحم حسين مري پنهنجي ماءُ جو غلط سرٽيفڪيٽ ڪڍرائي زمين ۾ ماءُ جو حصو ڄاڻائي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جو 2005 کان ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي ان جي باوجود رحم حسين مري اسان جي 18 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور وڪرو ڪري ڇڏي آهي

هنن چيو ته اسان عدالت سميت وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته جيستائين اسان جو ڪيس هلندڙ آهي تيستائين اسان جي زمين جو وڪرو روڪرايو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.