شهدادڪوٽ جي مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي ڌرڻو

سيف الله مگسي برانچ سميت 20 کان وڌيڪ شاخن ڍوري,پتوجا,قبو, شھبيگ,لنڊي ۽ ٻين ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ واري شھر ڪچي پل ۾ جي يو آء جي سڏ تي شھر جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن, ڪارڪنن,ھارين ۽ آبادگارن جي يو آء سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽر وي تي شامايانا کوڙي ڌرڻو ھنيو جنھن سبب سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي ,ڌرڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروھي ۽ پي ٽي آء اڳواڻ مير غيبي مغيري پنهنجي ڪارڪنن سميت شرڪت ڪئي,ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن مولانا راشد محمود سومرو,مير مظفر بروھي ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي حڪومت عوام کي بنيادي سھولتون ته نه ڏيئي سگهي پر پاڻي جيڪو ساھوارن جو جياپو آهي اھو به کسي ورتو آهي، ھنن چيو ته جنهن ڏينهن کان آبپاشي کاتي جو قلمدان سھيل انور سيال کي سونپيو ويو آهي ان ڏينهن کان سنڌ جي اترين پاسي جا آبادگار پاڻي جي ڍڪ لاء پريشان آهن ,ھنن چيو ته آبادگار روزانو پاڻي جي کوٽ لاء احتجاج ڪري رھيا آهن ايتري تائين جو تازو 2 -3 احتجاج صوبائي وزير جي گھر آڏو ڪيا آهن پوء به رڳو خالي دلاسا ڏنا ويا پر پاڻي نه ڏنو ويو,جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري ۾ ملوث ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي, ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.