پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

ناٽنگهم (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ناٽنگهم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسن جو جبل بيهاري ڇڏيو.

ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٽيم کي 150 رنسن جي جارحاڻي شروعات فراهم ڪئي، ان دوران ٻنهي اوپننگ بيٽسمينن پنهنجون ففٽيون به اسڪور ڪيون.

بابر اعظم 85 ۽ محمد رضوان 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ رهيل ڪسر صهيب مقصود، فخر زمان ۽ محمد حفيظ ڪڍي ڇڏي.

صهيب 7 بالن تي 19، فخر 8 بالن تي 26 ۽ حفيظ 10 بالن تي 24 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي.

جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 19.2 اوورن ۾ 201 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ليام ليونگسٽن 103 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي به ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان 3-3 وڪيٽون ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.