ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 39 فوتگيون، 2783 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 39 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته 2783 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 49 هزار 247 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2783 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 39 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.65 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22759 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 86 هزار 668 تائين پهچي چڪا آهن.

ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1000 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙ جو انگ 9 لک 18 هزار 329 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 45579 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.