”ڪشمير جي جمهوري حقن لاءِ اسان جو سِر به حاضر آهي“

ڪوهالا(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڪشمير جي جمهوري حقن لاءِ اسان جو سِر به حاضر آهي.

ڪوهالا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير جنت نظير آهي، ڪشمير بينظير آهي، ڪشمير سان اسان جو رشتو ٽن نسلن جو آهي، پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير سان گڏ بيٺي آهي، پيپلزپارٽي اڳ ۾ به پيپلز پارٽي سان گڏ هئي اڄ به آهي.

آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير سان محبت وراثت ۾ ملي آهي، ڪشمير جي جمهوري حقن جي لاءِ اسان جو سِر به حاضر آهي، اسان هميشه ڪشمير جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.