”داسو واقعي جي ذميوارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته داسو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي ۽ واقعي جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي شيخ رشيد چيو ته داسو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي، ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، چين جون 15 اختياريون جاچ لاءِ پاڪستان پهتل آهن، واقعي تي چيني پرڏيهي وزير به مون سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، چيني پبلڪ سيڪيورٽي واري وزير سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ واقعي جي مذمت ڪئي وئي.

هن چيو ته حادثو قراقرم هاءِ وي تي پيش آيو، چين جي 15 رڪني جاچ ٽيم ڪالهه واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، حادثي جي زخمين کي پاڪ فوج جي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي ايجنسيز کي چيو ويو آهي ته چينين جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائي وڃي، هتي چيني شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جو فرض آهي، هن جي عوام جي سيڪيوري کي يقيني بڻايو ويندو،  چين ۽ چيني پرڏيهي وزارت کي آن بورڊ ورتو ويو آهي، وزير اعظم پرڏيهي وزير شاهه محمود ۽ مون کي چين وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پاڪ چين دوستي لازوال آهي ان ۾ ڪو به فرق نٿو اچي سگهي، سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته گهرو وزارت هر جاءِ تي نظر آهي، ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت جو ڪو به موقعو وڃڻ ناه يڏيندو جڏهن ته پاڪستان امن جو محافظ آهي، پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان سلهاڙيل آهي ان ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن هجي، پنهنجي سر زمين افغانستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته رينجرز، ايف سي، سنڌ رينجرز کي ڪمشير اليڪشن جي لاءِ مقرر ڪيو آهي، سول آرمڊ فورسز ۽ ايف سي جو وڌيڪ مطالبو ڪيو ويو ته موڪلينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.