ڪراچي: ڪورونا ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ، شرح 20 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 20.34 سيڪڙو تائين پهچي وئي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ گڏيل طور تي 18 هزار 75 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1631 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ 25 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويٺا.

صحت کاتي جي اختيارين موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1314 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 20.34 سيڪڙو رهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ واير شرح 2.97 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته صوبي ۾ گڏيل طور تي ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 9.64 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.