گهوٽڪي پوليس جون ڪارروايون، 23 ڏوهاري گرفتار، هٿيار هٿ

گهوٽڪي ( ڊ ر )  گهوٽڪي پوليس جون مختلف هنڌن تي بهترين ڪاروايون، گهوٽڪي پوليس جو امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن شروع،  اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي جامع تلاشي پڻ جاري رهي،  ايس ايس پي گھوٽڪي جناب عمر طفيل جي جاري ڪيل ھدايتن مطابق گھوٽڪي پوليس جو ضلعي ڀر ۾ ڏوھارين خلاف ڪاروايون تيز ڪرڻ جي هدايت مجموعي طور ،اشتھاري روپوش ۽ گھربل23 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته  برآمد ٿيل شيون جنهن ۾ هٿيار ، منشيات ، موٽرسائيڪلون ، موبائل فون ، چوپايو مال شامل آھي، تفصيل مطابق ، خانپور مھر پوليس قتل جي ڪيس ۾ گهربل روپوش جوابدار عبدالعزيز بوزدار کي  گرفتار ڪري ورتو، اٻاوڙو پوليس جھيڙي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار سھراب سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو،  اي سيڪشن پوليس گشت دوران ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ھڪ جوابدار عبدالحميد سندراڻي کي بغير لائسنس پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو، وسطي جيوڻ شاھ پوليس چوري ٿيل ھڪ مينھن ھڪ ٻڪري ۽ ھڪ موٽر سائيڪل  ريڪور ڪرائي اصل مالڪن  جي حوالي ڪري ڇڏيا، بي سيڪشن پوليس چوري ٿيل 4 ٻڪريون ريڪور ڪرائي اصل مالڪ بيگ محمد شيخ  جي حوالي ڪري ڇڏيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.