تنگواڻي ويجهو شاخ کي 50 فوٽ گهارو، پاڻي آبادي طرف وڌڻ لڳو

تنگواڻي ( رپورٽ : مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ نور محمد بهلڪاڻي ۾ نصير شاخ کي 50 فوٽ گهارو پاڻي تيزي سان آبادي ڏانهن وڌڻ لڳو ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪرڻ لاءۡ پهچي ويا، جڏھن ته پاڻي تيزي سان گھرن ڏانھن وڌڻ لڳو اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھتا ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ 3 ڪلاڪن کان پوءۡ گھاري بند ڪري ورتو،ڳوٺاڻن جو چوڻ ته 2 گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا جڏھن ته پوکيل ساريالو ٻج لڙي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.