ٽنڊي محمد خان لڳ واهه مان عورت جو لاش هٿ

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان شهر ڀرسان نئين گوني واھ مان 35 ورهين جي نامعلوم عورت جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ ، پوليس ايڌي رضاڪارن معرفت لاش کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پهچايو ، لاش جي اڃان تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان شهر ڀرسان حسين خان لغاري وٽ نئين گوني واھ مان 35 ورهين جي نامعلوم عورت جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي ، سٽي ٿاڻي جي پوليس ايڌي رضاڪارن جي معرفت لاش کڻائي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پهچايو ، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش کي سڃاڻپ لاءِ مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي ، ڊاڪٽرن موجب لاش 4 کان 5 ڏينهن پراڻو آهي سندس جسم تي ڪو به تشدد جو نشانو ظاهر طور نظر نه آيو آهي . هوڏانهن سٽي ٿاڻي جي ننڊي منشي جمن مهيري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي ، ابتدائي رپورٽ ۾ ڪا به شي واضع ظاهر نه ٿي آهي ، جيئن پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ايندي ۽ وارث ظاهر ٿيا ته عورت بابت وڌيڪ معلومات ملي سگهندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.