ايمرجنسي دوران مشينري کي تيار حالت ۾ رکيو وڃي: ڊي سي ميرپور خاص

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊويزنل ڪشنر ميرپورخاص سيد اعجاز علي شاھ چيو آھي ته سم نالن ۽ گذريل برساتن دوران زمينن مانبرساتي پاڻي ڪڍڻ ايمرجنسي لاءِ ٺاھيل  نالن جي صفائي ڪرائي وڃي  اھڙن خيالن جو اظھار ھن بچا بند عمرڪوٽ جو تفصيلي دورو ڪندي ڪيو. انھي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم ميمڻ ڊائريڪٽر نارا ڪينال  غلام مجتبي ڌامرهه ايڪسين مٺڙائو فيروز الدين ڊومڪي  ايڪسين ٿر شاھ نواز ڀٽو ۽ ٻيا واسطيدار عملدار موجود هئا.انھي موقعي ھن بچا بند کان شادي پلي بودر فارم ڍورو جو دورو ڪيو.  انھي موقعي تي  ڪمشنر پاران ھدايتون ڏنيون ويون ته گذريل برساتن کي نظر ۾ رکندي تياري مڪمل ڪئي وڃي  ايمرجنسي دوران  مشينري کي تيار حالت ۾ رکيو وڃي.

ڪنري ۾ گرفتار ٿيل  پي ٽي آءِ اڳواڻ ضمانت تي آزاد

ڪنري (ت ر) اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو جي فرياد تي سرڪاري ايراضي جي اڏاوت، ڊيوٽي اٽڪاءُ، بداخلاقي، گارگند ۽ موتمار ڌمڪين جي داخل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پي ٽي آئي اڳواڻ اويس ظاھر آرائين کي ڪنري پوليس رمانڊ لاءِ سامارو جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. جتي عدالت سڳوري پوليس جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اويس ظاھر آرائين ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪرپٽ ۽ راشي آفيسر  آھي جنھن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي ھن منھنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.