چيلهار مان برساتي پاڻي نه نڪتو، شهري پريشان

چيلھار ( ن ع آ ) پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب شھر ۾ برساتي پاڻي تلاء جئيان بيھي ويو مڇرن جو آزار مڇرن شھرين کي راتيون جاڳي گُذارڻ ته مجبور ڪري ڇڏيو  شھري پريشان خبر موجب چيلھار ۾ 2 گُذريل ٻن سالن کان خراب ٿي بند ٿي ويا آھن جنھن ڪري برساتي پاڻي شھر جي مين گھٽين ۾ بيھي ويو آھي جڏھن ته ھن وقت شھر بس اسٽاپ مھراج پاڙو مھيشوري پاڙو ۾ برساتي پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي جڏھن ته برساتي پاڻي بيھڻ جو سبب معلوم ڪيو ويو ته پتو پيو ڊرينج پبلڪ ھيلٿ حوالي ٿيل آھن پبلڪ ھيلٿ مٺي جا ڪُجھ ڪامورا ڊرينج سسٽم بحال ڪرڻ بجاء ويتر لڳل موٽرون ٽرانسفارمر به ڪڍي روانا ٿي ويا آھن پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب چيلھار جي ڏانومل مھراج ڪانجي سوٽھڙ ۽ ٻين چيو اسان سيشن جج ٿرپارڪر سميت وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون پبلڪ ھيلٿ جي ذميوار ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪري ڪري ڊرينج سسٽم بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.