هالاڻي ۾ ٽرڪ ڊرائيور کان خريد ڪيل چوري سامان جو ڪاروبار

هالاڻي ( ن ع آ ) هالاڻي لڳ ڍوڍا فيڪٽري ۾ ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ چوري جو سامان جو ٻه نمبر ڪاروبار جنهن ۾ ڪنڊيارو هالاڻي بهلاڻي محرابپور جا سفيد پوش ماڻھو ملوث آهن ۽ وڏي ديده دليري سان چوري جو سامان مختلف ٽرڪن ۽ ٽرالر ڊرائيورن کان خريد ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرڪ ڪنٽينر نمبر TMP 545 جي ڊرائيورن پاران ڍوڍا فيڪٽري تي پرچون ۽ ڪاسميٽڪس جو سامان جنهن جي ماليت 19 لک ٻڌائي پئي وڃي چوري وڪرو ڪيو ويو هيو جنهن تي ٽرڪ مالڪ محمد سعيد اعواڻ پاران خبر پوڻ تي هالاڻي پهچي پوليس وٽ شڪايت درج ڪرائي پر هالاڻي پوليس چوري جو سامان وٺندڙ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ خانگي طور چوري واپس ڪرائڻ لڳي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد جي حڪم تي هالاڻي ڀرسان ڍوڍا فيڪٽري ۾  چوري جو سامان وٺندڙ گروھ جي ستن ڄڻن علي خان ظفر سهراب راڄپر انور راڄپر يونس ڪمبوھ وقاص مشتاق ۽ ٽرڪ ڊرائيور الهڏتو ڪلينر عامر پنجابي موسي شيخ شهباز عرف شملا  تي قلم 380 381 407 34 413 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي پاران ايس ايڇ او هالاڻي معشوق ڪيريو کي سسپنيڊ ۽  وڏي منشي خادم سرگاڻي ننڍي منشي صغير اعواڻ ۽ اي ايس آءِ جهانگير رند کي پڻ ڪوارٽرگهاٽ ڪري ڇڏيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.