پٿوري ۾ مختيار ڪار وئڪسين نه ڪرائيندڙ دڪاندارن جا دڪان سيل ڪيا

پٿورو (ن ع آ ) پٿورو مختيار ڪار پٿورو آصف ڪالرو پنهنجي آفيس ۾ ڪرونا ايس اوپيز تي عمل ڪرائڻ کان اڳ شھر جي  ويڪسين نه ڪرائيندڙ دڪاندارن جا دڪان سيل ڪرائڻ لاءِ پهچي ويو ڪيترن ئي ويڪسين نه ڪرائيندڙ دڪاندارن جا دڪان سيل ڪيا ويا مختيارڪار سختي ڪندي دڪاندارن کي چيو ته جن دڪاندارن وٽ ويڪيسين ڪارڊ ناهن اهي پنهنجا دڪان بند ڪن ٻئي پاسي مختيارڪار جي وڃڻ بعد صحافين جي ٽيم جيئن ئي مختيارڪار آفيس پٿورو پهتي ته اتي موجود تپيدار توڙي ٻيو عملو بغير ماسڪن جي آفيس ۾ موجود هو ۽ آفيس ايس او پي نالي ڪا به شي نظر نه آئي

حيدرآباد ۾ شڪي بيگ پيل ھجڻ تي خوف ۽ هراس پکڙجي ويو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ شڪي بيگ پيل ھجڻ تي خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گھرائي تلاشي ورتي وئي، ھيرآباد جي علائقي ۾ قائم ڪوچ اڏي تان ھڪ شڪي بيگ ھٿ آيو، بيگ ۾ امڪاني طور بم ھجڻ تي علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، ڪوچ جي ڪارگو سروس اڏي تي شڪي بيگ پيل ھجڻ جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جنھن تي مارڪيٽ پوليس پھچي ماڻھن کي پري ڪري شڪي بيگ جي تلاشي لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گھرائي ورتو، بي ڊي ايس عملي پھچي بيگ کي کوليو ته ان ۾ پراڻا ڪپڙا پيل ھيا، بعد ۾ مارڪيٽ پوليس بيگ تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي وئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.