ايس ايس ٽي پاران 3 سيپٽمبر تي ورڪشاپ جو اعلان

حيدرآباد (پ_ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جي ميٽنگ، مرڪزي صدر پرديپ گلاب جي صدارت ۾ ڊي ٽينپليجو هائوس تي ٿي گذري. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارڪنن جي سياسي، علمي تربيت ۽ سياسي شعور جي واڌاري جي حوالي سان سنڌي شاگرد طرفان ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد تي 3،4،5 سيپٽمبر تي ٽن ڏينهن جو تعليمي ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪيو ويندو ان سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن اندر ليڪچر پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا. اجلاس اندر سنڌي شاگرد جي تنظيمي ڪم جي واڌاري جي حوالي سان رٿابندي ڪري مختلف ضلعن جا دورا رکيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته موجوده وقت ۾ سنڌ اندر شاگردن ۾ سياسي تعليم ۽ سياسي شعور جي واڌاري جي تمام گهڻي ضرورت آهي جنهن  کوٽ کي محسوس ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ڪارڪنن جي تعليم ۽ تربيت کي اولين ترجيع ڏيڻ واري روايت کي برقرار رکندي سنڌ اندر پڙهيل لکيل سياسي کيپ جي تياري لاءِ علمي ورڪشاپ منعقد ڪرايا پيا وڃن.

ميرپور خاص ۾ نوجوان کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي جرواري چوڪ تي هٿياربندن پاران لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي معشوق چانڊيو کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن جي احتجاجي بعد فريادي محمد عيسيٰ جي فرياد تي جوابدارن جان محد عرف خانو مري، علي حسن، لياقت، علي گوهر ۽ جبار جي خلاف سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي تي قلم324،147،148،149،506(2)، 504 ppc تحت داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن پاران عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪرڻ جا اطلاع آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.