ڦلجي اسٽيشن لڳ لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ، جوابدار گرفتار

ڦلجي اسٽيشن ( رپورٽ: رانا محفوظ  ) ڦلجي اسٽيشن جي درگاهه آري بکر جي قبرستان مان ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي جي رهواسي حسن عرف ڊان سولنگي جو پر اسرار نموني لاش مليو سندس وارثن ڀاءُ عامر سولنگي پاران حسن عرف ڊان سولنگي کي قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي وڌيڪ تصديق لاءِ لاش کي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال دادو نيو ويو فوت ٿي ويل حسن سولنگي ريٽائرڊ استاد گاجي خان سولنگي جو پٽ هيو. ٻئي پاسي ڦلجي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقع جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي فوتي جي وارثن جي شڪ ڏيکارڻ تي هڪ جوابدار وحيد سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي اصل حقيقت پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوندي جنهن کانپوءِ وارثن مطابق قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.