باڊهه رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ، سوين آبادگارن ۽ هارين جو ڌرڻو

باڊھ (ن ع آ ) رائيس ڪئنال ۾ هٿراڌو پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن ۽ هارين جو ڌرڻو، نعريبازي رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف دڙا ۽ باڊھ جي سوين آبادگارن، هارين معصوم ٻارن سميت دڙاريلوي ڦاٽڪ تي ڌرڻو هڻي باڊھ لاڙڪاڻو روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد سليم جوڻيجو، حافظ عثمان جوڻيجو، مقبول احمد ڪانڌڙو ۽ ٻين جو چوڻ هوته ايريگيشن عملدار رائيس ڪئنال تي موندر ۽ ڳيريلي ريگيوليٽرن وٽان پاڻي روڪي بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جو وهڪرو تمام گهٽ هئڻ ڪري باڊھ جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ پئدا ٿي آهي، پاڻي ۾ ڇڪ نه هجڻ ڪري پڇڙي جي زمينن تائين پاڻي جو پهچڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري زمينون ڀرجڻ ته پري جي ڳالهه آ پر ٻيجاري لاءِ پاڻي ميسر ناهي، وڏو وزير، آبپاشي صوبائي وزير ۽ ڊويزنل انجنيئر گهربل پاڻي ڏئي نقصان کان بچائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.