ٺل ۾ پاڻي جي کوٽ، لکين ايڪڙ زمين بنجر، آبادگارن جو مظاهرو

ٺل ( ن ع آ ) ٺل تعلقي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ جي شديد کوٽ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، ٺل تعلقي جي مختلف شاخن فرٽي شاخ، نصير شاخ، موسي الله آباد شاخ، ٺل سٽري سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي  شديد کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته فرٽي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو خادم علي بگٽي، نادر علي بلاول علي، گلاب بگٽي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري ايريگيشن عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن چيو ته ٺل تعلقي جي مختلف شاخن ۽ ڪئنالن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ايريگيشن عملدار پئسن عيوض بااثر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، نتيجي ۾ اسان پڇڙي جي آبادگارن وٽ پاڻي وقت سر نه ٿو پهچي، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب ساريالو فصل ۽ ٻجارو تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ڪري اسان جو  لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، آبپاشي عملدار وٽ دانهيو آهي پر ڪوئي به نه ٿو ٻڌي هنن چيو ته آبپاشي عملدار بلاجواز پاڻي بند ڪري رهيا آهن آبپاشي عملدرن جي نااهلي خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.