سنڌ ۾ برساتن شهرن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ٿوري برسات شھرن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي۔ شھر ۾ پاڻي جو نيڪال سسٽم بھتر نہ ھجڻ ۽ ڊرينيج جي تباھي جي ڪري رستا، گھٽيون ۽ اڪثر گھرن ۾ پاڻي بيھي رھيو آھي۔ بجلي جو نظام درھم برھم آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀ کان وڌيڪ پئسا کائيندڙ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ڪروڙين ماڻھو مشڪل ۽ مصيبت ۾ آھن۔ دنيا ۾ ماڻھو برساتن کي انجواء ڪن ٿا پر اسان وٽ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ نااھلي جي ڪري ماڻھو تڪليف ۾ اچيو وڃن۔ اياز  لطيف پليجي چيوته سمورن شھرن جو ڊرينيج سسٽم ٻيھر ڊزائن ڪري سئو سالن جي منصوبابندي تحت ٺاھيو وڃي تہ جيئن ڪنھن بہ شھر ۾ پاڻي نيڪال جو سسٽم عوام لاء عذاب نہ بنجي سگھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ٻھراڙي وارن علائقن کي حڪمرانن مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي۔ اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي ناھي، جتي بجلي آھي اتي 22-22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو عذاب آھي۔ گئس جي سھولت ناھي۔ پيئڻ جوصاف پاڻي ناھي۔ماڻھو جر جو زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن۔ روڊ ٺھيل ناھن۔ اسپتالون ناھن۔ اتفاق سان ڪنھن ٻھراڙي ۾ ڪو ھيلٿ سينٽر آھي تہ اتي ڊاڪٽر ۽ دوائون ناھن۔  اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حڪومت عوام تي مھانگائي جو پئٽرول بم ڪيرائي عوام کي مھانگائي جو تحفو ڏنو آھي. پاڪستان ۾ عوام جي ڦرلٽ لاءِ تيل مھانگو ڪيو ويو آھي. پئٽروليم جون وڌايل قيمتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن. پئٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ سان ھر قسم جي مھانگائي ۾ اضافو ٿي ويندو، خوراڪ، ڪپڙي سميت ھر اھا شئي مھانگي ٿي ويندي، جيڪا ٽرانسپورٽ ذريعي مارڪيٽ تائين پھچي ٿي. حڪومت پنج روپيا پئٽرول سستو ڪيو ھو تہ پئٽرول مافيا پمپ بند ڪري ڇڏيا ۽ اڪثر شھرن ۾ پئٽرول 2 سئو روپيا ليٽر ٿي بليڪ تي مھانگو وڪرو ٿيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.