غوثپور ۾ پاڻي کوٽ، آبادگارن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

غوثپور (رپورٽ :عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپور کرڙو شاخ، نصير شاخ شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن توڙي هارين عبدالحفيظ بجاراڻي، غلام حيدر ميراڻي، رسول بخش بجاراڻي، لطف علي بجاراڻي، غلام نبي اوڳاهي، شيرزمان بجاراڻي ۽ ٻين انڊس هاءِ وي تي  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هينو، ان موقعي تي آبادگارن چيو ته کرڙو شاخ، نصير شاخ ۾ فوري طور پاڻي ڏئي اسان جي زمينن کي بچايو وڃي، ھنن وڌيڪ چيو ھزارين روپين جو سارين جو ٻجارو سڙي رھيو آھي ۽ اسان جو معاشي قتل ٿئي پيو مگر آبپاشي عملدار وارا بندي جو جواز ڄاڻائي  شاخن کي مڪمل بند ڪيون ويٺا آھن، آبادگارن ڳوٺاڻن صوبائي توڙي وفاقي حڪومت سميت ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي ۽ آبپاشي عملدارن کان گُهر ڪئي ته نوٽيس وٺي شاخن ۾ پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن هزارين جريب زمين بنجر ٿيڻ کان بچائي وڃي ۽ آبادگارن توڙي هارين جو معاشي قتل بند ڪري ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.