ٺٽي ۾ پيرسن جو گم ٿيل پٽ جي ڳولا لاءِ احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) چليا جي رھواسي پيرسن حاجي ملاح ڪنگاڻي پنھنجي گم ٿي ويل پٽ سوڪت علي جو ڦوٽو کڻي صحافين وٽ پھچي ٻڌايو ته سندس 14 ورهين جو پٽ شوڪت علي ملاح ھڪ ھفتو اڳ آچر جي ڏينھن ڇتوچنڊ شھر آيو ھو، جتان ھو گم ٿي ويو آھي. ھن چيو ته گھڻي ڳولا باوجود سندس پٽ جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو. حاجي ملاح ڪنگاڻي پنھنجي پٽ شوڪت علي کي اغوا ڪرڻ جو خدشو ظاھر ڪندي چيو ته ھڪ ھفتي تائين سندس معصوم پٽ گم ٿيڻ بعد ظاھر نه ٿيڻ ڪري کين خدشو آھي ته ڪٿي کيس اغوا نه ڪيو ويو ھجي. ھن چيو ته سندس پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ ڇتوچنڊ پوليس کي پڻ ڏني آھي، پر ان به سندس گم ٿي ويل پٽ جي ڳولا ۾ مدد ناھي ڪئي. ھن وس وارن کي پنھنجي گم ٿي ويل پٽ شوڪت علي ملاح ڪنگاڻي جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.