اڪري چودڳي ڀرسان روڊ تي ٻيٺل ٻارن تي ٽرڪ چڙهي وئي، هڪ فوت

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري چودڳي ڀرسان مهراڻ ها ءِ وي تي ڳوٺ غلام حسين شر واسي روڊتي بيٺل ٻن ٻارن مٿان تيز رفتار ٽرڪ چڙهي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 سالا الف الدين ۽ 9 سالا سميع الله شر شديد زخمي ٿي پيا جن کي اتي موجود ماڻهن اڪري جي خانگي اسپتال پهچايو جتي زخمي ٻارڙن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏهن تہ  8 سالا الف الدين شر پٽ سومر شر نوابشاھ نيئندي زخمن جا سور نہ سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو آهي ۽ زخمي ٿيندڙ  سميع الله شر جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين نوابشاھ اسپتال نيو ويو 8 سالا الف الدين جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو  جڏهن تہ حادثو ڪندڙ ٽرڪ ڊرائيور  موقعي تان فرار ٿي ويو آهي واقعي جو ڪو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.