ڏهرڪي پارڪنگ ۾ گاڏين کي باهه، 3 گاڏيون ۽ موٽر سائيڪل سڙي وئي

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي شهر جي حسيني امام بارگاهه ڀر سان ڪار پارڪنگ ۾ گاڏي جو بيٽري مان شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب پارڪنگ ٿيل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 گاڏيون جي ايل آءِ، ڪلٽس ۽ مهراڻ ڪار ۽ موٽر سائيڪل سڙي رک ٿي ويون گاڏين کي باهه لڳڻ جو بروقت اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو پر اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملي جي نه پهچڻ تي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڀڙڪيل باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گاڏين کي نقصان ٿيڻ کان بچايو ويو ان موقعي تي ڪار پارڪنگ تي ڊيوٽي تي موجود چوڪيدارن ٻڌايو ته  ڪار پارڪنگ ۾ ڪار جا بلب ٻڏڻ سبب انهن مان اسپارنگ ٿيڻ سبب اوچتو ڪار کي ڌماڪي سان باهه وڪوڙي وئي جنهن بعد ڏسندي ئي ڏسندي باهه ۾ 3 گاڏيون ۽ هڪ موٽر سائيڪل سڙي رک ٿي وئي انهن ٻڌايو ته اسان باهه لڳڻ جو بروقت اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو، پر عملي جي بروقت نه پهچڻ سبب هي نقصان ٿيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.