پکو ۾ چور گھر ٻھاري ويا، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان چوري

پکو (رپورٽ: عبدالوحيد ميئو) پکو ۾ نامعلوم چور شھري جو گھر ٻھاري ويا،کوجي ڪتي ذريعي پيرا ساڳئي شھر ۾ لڳا ، پوليس شڪ ۾ ھڪ ڄڻو گرفتار ڪري وئي ان ڏس ۾ گذريل رات سامٽيا محلي ۾  نامعلوم چور چوپائي مال جي واپاري قربان علي سامٽيو جي گھرجي ڀت ٽپي ڪمري ۾ پيل الماڙي کي ٽوڙي ھڪ لک روپين جي روڪ رقم ، موبال فونون ۽ گھريلو سامان کڻي فرار ٿي ويا جڏھن سج اڀرڻ تي گھر ڌڻين ۽ شھرين کوجي ڪتو گھرائي  چورن جا پيرا کڻايان جيڪي شھر جي تيوڻا محلي ۾ لڳا جتان پوليس شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻو عبدالطيف تيوڻو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو اھڙي طرح ٻنھي ڌرين جا ماڻھو ٿاڻي تي اچڻ ڪري ڇڪتاڻ وڌي وئي ، ان حوالي سان متاثر گھر ڌڻي قربان سامٽيو ، ڪفايت علي ، ڪامران ۽ رضا سامٽيو ٻڌايو ته اسان جي گھر مان اڳ به ڪيترا ڀيرا روڪ رقم چوري ٿي وئي آھي جنھن جي اسان پاڙي ۾ جاچ ڪرائي پر ڪو به ڏس پتو نه مليو ھو ۽ گذريل رات به ساڳين چورن ديوار ٽپي گھر جون الماڙيون ٽوڙي ھڪ لک کان وڌيڪ رقم ، موڀائل فونون ۽ گھر جو ٻيو سامان کڻي گھر کي اگھي ويا آھن اھڙي آزار خلاف اسان کوجي ڪتي ذريعي پيرا کڻايا جيڪي شھر جي سامٽيا محلي ۾ لڳا آھن اسان کي شڪ آھي ته چور به شھر جا آھن جن تاڙ ڪري گھر جو سامان کنيو آھي ۽ اسان قانوني رستو اختيار ڪري  اعلي’ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ھوڏانھن تيوڻا برادري جي گرفتار عبدالطيف تيوڻو جو چوڻ آھي ته مان ھڪ شريف شھري آھيان منھنجو ڪنھن به قسم جي ڏوھاري ماڻھو سان واسطو ناھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.