نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، بڊاڻي ۾وارثن جو احتجاج

بڊاڻي (ن ع آ ) بخشاپور ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل 18سالا نوجوان محمد يعقوب گولاٽو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا وارثن جو بخشاپور پوليس خلاف احتجاج، بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم دين گولاٽو ۾ مقتول نوجوان جي وارثن حمت علي گُولاٽو محمد نواز گُولاٽو حنيف گُولاٽو علي نواز گُولاٽو حسن علي گُولاٽو ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاج ڪَندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ گُولاٽا برادري جي جوابدارن نُوخاف گولاٽو احسان گولاٽو مِٺل گولاٽو ۽ ذاڪِر گولاٽو اسان جي 18 سالا نوجوان محمد يعقوب گُولاٽو کي بيگناه پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس بَخشاپُور ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پَر 2 ڏينهن گذرڻ باوجود به بخشاپور پوليس مقتول نوجوان جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جوابدار سَرعام گُهمي رهيا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري هنن وڌيڪ چيو ته اسين مسڪين آهيون جوابدارن کي بااثرن جي پٺ آهي جنهن سبب هُنن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري اگر قاتل گرفتار نه ٿيا ته اسين انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪري پاڻ مٿان پنٽرول هاري پاڻ کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين هُنن آئي جي سِنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڙو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته فورن نوٽيس وٺي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي بخشاپور پوليس جو چوڻ هو ته اسين پهرين ڏينهن کان جوابدارن جي گرفتاري لاء چاپا هنيان سين پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن ۽ اسين جوابدارن جي گرفتاري لاء ود ۾ ود ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.