ٽنڊي محمد خان ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات، بجلي گم

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات جو تيز وسڪارو پيو ، جنهن سبب گرمي جي شدت گهٽجي ويئي ، جڏهن ته شهر جا هيٺيان علائقا مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ، برسات جي تيز وسڪاري سبب بجلي ۽ مواصلات جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو ، جڏهن ته رات دير تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو .۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.