برسات سيوهڻ انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي

سيوھڻ (ن ع آ ) سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جي موسم بعد سيوھڻ ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ۾ سانوڻي جو وسڪارو ھڪ ڏينهن جي وقفيبعد ٻئي به جاري رھيو ڪالھ جمع ڏينهن پيل زوردار برسات جنهن بعد شھر اندر موسم خوشگوار بنجي وئي ۽ شھرين روڊن تي اچي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ موسم جو مزو ماڻيو. جڏهن ته اڌ ڪلاڪ تائين طوفاني برسات پوڻ بعد شھر جا ھيٺيان علائقا مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويا وڻن جا ڏار ڀڳي پيا ۽ روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا جنهن ڪري قلندر جي پانڌيئڙن ۽ شھرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سبب شھر جي بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.