ڏهرڪي لڳ گونگو پورهيت پر اسرار نموني گم ، وارث پريشان

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي ويجهو سانڪو جي ڳوٺ عبدالله راڄڙي واسي 35 سالا گونگو پورهيت پٺاڻ راڄڙي ولد جمالدين راڄڙي ستن ڏينهن کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي وارثن پاران گهڻي ڳولھا باوجود هو ھٿ ناھي اچي سگھيو آهي ان سلسلي ۾ گم ٿيل گونگي جي وارثن موجب ھڪ ھفتو اڳ پٺاڻ راڄڙي اسان کي قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ چئي ڏھرڪي کان روانو ٿيو ھو جيڪو پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي گهڻي ڳولا باوجود هن جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن جي ڪري گھر ڀاتي سخت پريشان آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.