ڇاڇري ۾ تيز برسات، نوجوان فوت

ڇاڇرو (ت ر ) ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين زوردار  طوفاني برسات   ڇاڇرو شهر   تيز طوفاني برسات سبب شهر جا هيٺيان علائقا  سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳا ٽائون جي ڪروڙين روپيا بجيٽ هئڻ باوجود شهر ۾ پاڻي نيڪالي جو جوڳو بندوبست نه هئڻ ۽ گٽر نالين ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري برساتي پاڻي سان گڏ گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ۽ مختلف پاڙن، بجير پاڙو، فقير پاڙو، ۽ ٻين پاڙن ۾  مين رستن  تي 5 فٽ تائين پاڻي بيهجي ويو  جنهن سبب  رهواسي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن  جڏهن ته موسميات عملدار  موجب ڇاڇرو ۾ 76 ملي ليٽر تيز طوفاني برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي،  جڏهن تي برسات دوران هڪ غريب پورهيت بصر لوهار جو 11 ورهين جو پٽ اجيت ڊاڪٽر لائين ويجهو هڪ ڪبين ڀرسان گتا کڻندي بجليءَ جي تار  مان ڪرنٽ لڳي پيو جنهن کي وارث فوري طور اسپتال کڻي آيا جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻئي پاسي شهرين ٽائون آفيسر خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ٽائون جي  ڪروڙين روپيا ماهوار بجٽ هئڻ باوجود شهر ۾ پاڻي نيڪالي توڙي نالين جي صفائي جو ٽڪي جو به ڪم ناهي ڪرايو ويو ۽ ايندڙ سموري بجٽ ٽائون آفيسر هڙپ ڪرييو ڇڏي  رهواسين جو چوڻ هو ته جڏهن کان  رفيق بروهي   ٽائون آفيسر  مقرر ٿيو آهي ان کانپو شهر ۾ صفائي به ناهي ڪئي ويندي بيلدار، سوئيپرن سميت ملازم گهر ويهي رهيا آهن جنهن سبب شهر جو ڊرينج نظام مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهي شهرين ڊي سي ٿرپارڪر، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته جلد گهٽين ۾ بيٺل گندو پاڻي نيڪالي ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.