لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان آزاد نه ٿيو، مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل شهر جي الهه آباد جکڙ آرا مشين واري علائقي جي رهواسي پورهيت نوجوان نديمعلي مغيري جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن نوجوان جي تصويرن وارا بئنر ۽ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي پيرسن پيءُ خير محمد مغيري پنهنجي ڀاءُ عبدالحميد مغيري، پٽن نعيم مغيري، فهيم مغيري، سالي حضور بخش بروهي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو پٽ نديم علي مغيري پنجن کان حب چوڪي ۾ لوڻ جي فئڪٽري ۾ مشين آپريٽر طور پورهيو ڪندو آهي جيڪو گذريل 4 جون جي صبح جو لاڙڪاڻي گهر آيو جتان گذريل 8 جون جي سوير کيس گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو ڪنهن به تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آهي پر ان جي باوجود کيس بيگناهه کنڀي گم ڪري ظلم ڪيو ويو آهي جنهن جي کنڀجڻ بعد اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان نديم علي مغيري کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.